پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي

پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي: پرمل ۽ سوريه ديوي راجا ڏاهر جون ڌيئر هيون. فتح نامه سنڌ عرف چچ نامي ۾ علي ڪوفي لکيو آهي: ”ديوي ۽ سوريه ديوي'>پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي ٻئي سنڌ جي بهادر ۽ جانثار راجا ڏاهر جون نياڻيون هيون. عربن ۽ سنڌين جي جنگ ۾ جڏهن راجا ڏاهر پنهنجي وطن تان قربان ٿي ويو، تڏهن عربن ڏاڍو ڪوس ڪيو ۽ راجا ڏاهر جي مرڻ کان پوءِ سندس زال ’لاڏي‘ کي محمد بن قاسم پاڻ لاءِ رکيو ۽ ٻي زال مايين غيرت وچان پاڻ کي ساڙي ڇڏيو. راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي حسنه (سهڻيءَ) کي حجاج بن يوسف جي استعمال لاءِ ۽ ڏاهر جون نياڻيون خليفي وليد بن عبدالملڪ لاءِ موڪليون ويون. ديوي ۽ سوريه ديوي'>پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي راجا ڏاهر جي نياڻين پنهنجي پيءُ ڏاهر جي قتل ۽ سنڌي عورتن جي بيحرمتيءَ جي بدلي وٺڻ لاءِ وڏي هوشياريءَ کان ڪم ورتو. خليفي وليد بن عبدالملڪ جڏهن ڏاهر جي ڌيئرن کي ڏٺو، ته هو سندن حسن ۽ جمال جو ديوانو ٿي پيو ۽ هن هڪدم کين خلوت ۾ گهرائڻ گهريو. ڏاهر جي وڏي نياڻيءَ هوشياريءَ کان ڪم وٺندي خليفي کي چيو ته محمد بن قاسم اسان ٻنهي ڀينرن کي ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رکي پوءِ توهان ڏي موڪليو آهي، اهو ٻڌي خليفي غصي ۾ اچي هڪ فرمان محمد بن قاسم ڏي لکي موڪليو ته تون جتي به هجين پاڻ کي ڪچي کل ۾ بند ڪرائي اچي حاضر ٿيءُ. حڪم موجب محمد بن قاسم کي ڪچيءَ کل ۾ بند ڪري صندوق ۾ وجهي دارالخلافت پهچايو ويو. جڏهن خليفي محمد بن قاسم جو لاش ڪڍي ڏاهر جي ٻنهي نياڻين (ديوي ۽ سوريه ديوي'>پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي) کي سڏائي چيو ته ڏسو اهو ئي آهي نه، جنهن توهان کي ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رکيو هو. ته پرمل ديوي ۽ سوريه ديويءَ خليفي کي وراڻيو ته هن اسان سان جيڪو ظلم ڪيو، هي ان جو بدلو آهي، ڇو ته اسان کي پنهنجي پيءُ جي قاتل کان بدلو وٺڻو هو. اهو ٻڌي خليفو وليد حيران ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته ٻنهي ڀينرن کي ڀت ۾ لنبايو وڃي. هن بيان جي ابتڙ تاريخ معصومي جو مصنف مير محمد معصوم بکري لکي ٿو ته: ”غصي ۾ اچڻ کان پوءِ خليفي جي حڪم موجب راجا ڏاهر جي ٻنهي نياڻين کي گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي شهر جي چوڌاري بيدرديءَ سان ڦيرائي سندن لاش درياءِ دجلا ۾ اڇلايا ويا.“


لفظ پرمل ديوي ۽ سوريه ديويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو